اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته سک ياترين کي پنهنجي مذهبي رسمن جي ادائيگي ۽ مقدس ??اين جي زيارت دوران هر قسم جُون سهولتُون فراهم ڪيُون وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اها هدايت سک ياترين کي پاڪستان پاران فراهم ڪئي ويندڙ ويزا سهولتن جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نگر??ن وزيراعظم کي سڄي سال ۾ منعقد ٿيندڙ سکن جي مختلف ڏڻن، سک يات??ين جي ويزائن ۽ انهن کي فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. نگر??ن وزيراعظم چيو ته پنهنجي مذهب جي مقدس ??اين جي زيارت ڪرڻ جي لاءِ سڄي دنيا مان آيل سک ياتري اسان جا مهمان آهن. هن هدايت ڪئي ته سک ياترين کي پنهنجي مذهبي رسمن جي ادائيگي ۽ مقدس ??اين جي زيارت دوران هر قسم جي سهولت فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته سک ياترين کي ويزا جي فراهمي جي عمل کي وڌيڪ تيز ۽ شفاف بڻايو وڃي، ڪرتاپور ۾ سک ياترين کي عالمي معيار جي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. اجلاس کي گهرو وزارت پاران سک ياترين کي ميسر ويزا سهولتن، ويزا حاصل ڪرڻ ۾ گهربل مدي، ڪرتارپور لنگهه جي انتظامي معاملن ۽ سکن جي سالياني ڏڻن تي تفصيلي بريف ڪيو ويو. نگر??ن وزيراعظم ڪرتاپور لنگهه جي ذريعي ۽ ٻين ملڪن مان زيارت جي لاءِ آيل سک ياترين کي وڌيڪ ۽ بهتر سهولتن جي فراهمي جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي جوڙي پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.