اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته عام چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ ڪا دير نظر نه پئي اچي، چونڊون صاف ۽ شفاف منعقد ڪرائڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي ڀرپور معاونت ڪنداسين، سياس?? پارٽين کي پنهنجي اندر به جمهوريت آڻڻي پوندي، هر سياس?? پارٽي کي چونڊن ۾ حصو وٺن جو حق حاصل آهي، ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني يقيني بڻائڻي پوندي. نجي ٽي وي چينل کي پنهنجي انٽرويو ۾ نگران وزيراعظم چيو ته قانون تي عملدرآمد ۽ قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻائڻو پوندو، اسان ڪرنسي جي اهڙي غيرقانوني مارڪيٽ ۾ هٿ وڌو جنهن جي قانون ۾ گنجائش نه آهي، عسڪري قيادت کي به ان جو ڀرپور ڪريڊٽ وڃي ٿو گذريل حڪومتن ان طرف ڌيان نه ڏنو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان کي سويلين ادارن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻي آ??ي، 5 سال جو مينڊيٽ پارليامينٽ جو هوندو آهي جيڪا گذريل ٽن دورن کان پورو ڪري رهي آ??ي، پارليامينٽ ئي وزارت عظميٰ جي چونڊ ڪري ٿي، جمهوري طريقي سان حڪومت جي تبديل?? پارليامينٽ جو حق آهي. هن چيو ته شفافيت ۽ احتساب جو عمل جنهن جمهوريت ۾ نه هوندو اها ڪامياب نٿي ٿي سگهي، پارليامينٽ جي اندر ويٺل ماڻهو عوام جو مينڊيٽ کڻي اچن ٿا، انهن جون ذميواريون وڌيڪ آهن، پنهنجي ويزن، ڪردار ۽ ڪارڪردگي جي بنياد تي عوام فيصلن جو اهو اختيار پارليامينٽ ميمبرن کي ڏنل هوندو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيستائين سياس?? پارٽيون پنهنجي سڃاڻپ ۽ ڍانچي ۾ جمهوري نه هونديون ته ملڪ ۾ جمهوريت مستحڪم نه ٿي ٿي سگهي، سياس?? پارٽين ۾ جمهوري رويو نظر ايندو ته ان جو اثر معاشري تي پوندو. هن موجوده منصب کانپوءِ ڪنهن سياس?? پارٽي ۾ شموليت جي ??وا??ي سان سوال جي جواب ۾ چيو ته ان ??وا??ي سان ڪا آئيني يا قانون?? پابندي نه آهي، بلوچستان عوام?? پارٽي جو هاڻي حصو نه آهيان، اهو به ممڪن آهي ته ڪا پنهنج?? پارٽي ٺاهيان، رجسٽرڊ سياس?? پارٽين جو اهو آئيني ۽ قانوني حق آهي ته اهي چونڊن ۾ حصو وٺن ۽ پنهنجي چونڊ مهم هلائين، صوبائي نگران حڪومتن پاران آزاداڻيُون ۽ منصفاڻيُون چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ قدمن جي مانيٽرنگ ڪنداسين. هن چيو ته نواز شريف سميت ڪو به سياسي اڳواڻ جيڪڏهن اسان جي فرضن جي ادائيگي جي ??وا??ي سان ملاقات جي خواهش ڪندو ته ان سان ضرور ملاقات ڪنداسين. هن چيو ته اسان کي گورننس، اقتصاد?? پاليسين ۽ سياسي سوچ ۾ ماضي ۾ ڪيل ڪوتاهين تي غور ڪرڻو پوندو. هن چيو ته نگران حڪومت جو ڪم روزاني جا معاملا اڪلائڻ ۽ شفاف چونڊن جي لاءِ معاونت فراهم ڪرڻ آهي، اسان جو ڌيان انهي تي آ??ي، آزاداڻيون ۽ شفاف چونڊون يقيني بڻائينداسين، نواز شريف جي ??وا??ي سان قانوني گهرجون پوريون ٿينديون. هن چيو ته پرڏيه?? پاليسي جي بهتري، پاڪستان جي بطور رياست مضبوطي ۽ تعمير ۽ ترقي جي لاءِ عوام عمران خان کي ووٽ ڏنا هئا، ان کي ووٽ فوجي ٺڪاڻن تي حملي جي لاءِ نه ڏنا ويا هئا، 9 مئي جا ڪيس هڪ قانوني عمل آهي، سائفر رياست جي پراپرٽي هوندي اهي، اهو ٻن آفيسن جي وچ ۾ ڪميونيڪشن جو ذريعو هوندو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ دير جا ڪي امڪان نظر نه پيا اچن، ان ۾ ڪو به ابهام نه آهي، چونڊن جو پنهنجي و??ت تي اعلان ۽ انعقاد ٿيندو. هن چيو ته فيصلاسازي ۾ حتمي فيصلا نگران حڪومت ڪندي آ??ي، اسان جي ادارن سان موثر ڳالهه ٻولهه آهي، ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي ۽ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي ??وا??ي سان کنيل قدمن جو پورو پاڪستان گواهه آهي، ان جا معيشت تي ڏورس اثر پڻ عوام کي نظر ايندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان جي گرفتاري تي هڪ منظم ردعمل سان اهو تاثر ڏئي سگهجي ٿو ته ان جي پٺيان ڪو هڪ ماڻهو يا گروهه هجي، ڇا ائين ٿيو يا نه اهو ڪم جاچ ۽ عدالتي عمل جو آهي ته اهي ان ??وا??ي سان حقيقتن کان پاڪستاني عوام کي آگاهه ڪن.