لنڊن – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته عالمي بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ دوست ملڪن پاران رقم جي فراهمي سميت مثبت اشارن مهانگائي ۾ گهٽتائي، ??رڏيهي ناڻي جي ذخيرن کي مستحڪم ۽ صنعتي ترقي جي بحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ??گران حڪومت جي تازي انتظامي قد??ن پاڪستاني رپئي کي آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ مضبوط ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان لنڊن جي ڪيپيٽل ۽ فنانشل مارڪيٽ جي سينيئر اڳواڻن پاڪستان هائوس لنڊن ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ڪندڙن ۾ نمايان سيڙپڪاري ڪندڙ فرمن ۾ فيلڊيلٽي انٽرنيشنل لميٽيڊ (ايف آئي ايل)، ولنگٽن مئنيجمينٽ، اشمور، جيفريز انٽرنيشنل، ريڊويل ڪيپيٽل، سويٽيڪس انڊسٽريل ايس اي، آڪسفورڊ فرنٽيئر ڪيپيٽل، گارنٽڪو، جي پي مورگن، ڪالراڪ ڪيپيٽل ۽ يو بي ايل (يو ڪي) جا نمائندا شامل هئا. نگرا?? وزيراعظم وفد کي پاڪستان جي موجوده معاشي منظرنامي کان آگاهه ڪندي ٻاهرئين کاتن جي بهتري جي لاءِ حڪومتي قد??ن تي روشني وڌي. هن چيو ته تازي انتظامي قد??ن پاڪستاني رپئي کي آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ مضبوط ڪيو، استحڪام جي لاءِ اميد کي فروغ ڏنو. هن چيو ته عالمي بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ دوست ملڪن پاران رقم جي اچڻ سميت مثبت اشارن مهانگائي ۾ گهٽتائي، ??ستحڪم ذخيرن ۽ صنعتي ترقي جي بحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. نگرا?? وزيراعظم پاڪستان جي اهم شعبن ۾ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري جا امڪانن ۽ آءِ ايم ايف سان اسٽيڊ بائي ارينجمنٽ جي مثبت اثرن، معيشت ۽ ڪرنسي جي استحڪام تي روشني وڌي. هن چيو ته درآمدات تي پابندين جي خاتمي، زرعي مدد ۽ وچولي مدي جي ناڻي واڌ جي هدفن جي لاءِ مالياتي قد??ن کانپوءِ واپار ۾ بهتري آئي آهي، زراعت ۽ صنعت ۾ بهتري آئي آهي، ??هانگائي ۾ گهٽتائي ٿي آهي. نگرا?? وزيراعظم خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي حوالي سان وفد کي آگاهه ڪندي پاڪستان جي سيڙپڪاري رکندڙ ڪوششن تي روشني وڌي. هن چيو ته ان ڪائونسل سان سيڙپڪاري جي عمل لاءِ راهون هموار ٿي رهيون آهن، اهم شعبن ۾ سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۽ ڪاروباري منظرنامي کي آسان بڻائي ڊگهي مدي واري ترقي کي فروغ ڏيڻ تي ڪاربند آهيون. برطانوي سيڙپڪارن پاڪستان ۾ آءِ ايم ايف پروگرام جي تسلسل ۽ گهٽ ۽ وچولي مدي واري سڌاراجاتي ڪوششن بابت معلومات ورتي. نگرا?? وزيراعظم کين يقين ڏياريو ته پاڪستان ۾ آءِ ايم ايف سان معاهدي ۾ ڪيل سڌارا ڪري آءِ ايم ايف پروگرام سان وابستگي جو اظهار ڪيو آهي. سيڙپڪارن پاڪستان جي مالياتي ۽ ڪيپيٽل مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري جا اميد ڀريل موقعا ڳولڻ ۾ پنهنجي گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو جيڪو اقتصادي تعاون کي سگهه ڏيڻ ۾ وڌندڙ گڏيل دلچسپي جي عڪاسي ڪري ٿو.