اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي، ته پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر معاشي استحڪام طرف وڌي رهيو آهي، 15 مهينا اڳ جڏهن اسان اقتدار ۾ آياسين ته ملڪ اندر معاشي بدحالي هئي، نواز شريف دور ۾ آءِ ايم ايف پروگرام مڪمل ٿي چڪو هو، جڏهن ته اڳوڻي حڪومت معيشت کي ايترو تباهه ڪري ڇڏيو ۽ ان کي واپس آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو ۽ پوءِ انهن پنهنجي ئي صحيحي سان آءِ ايم ايف پروگرا?? جي خلاف ورزي ڪئي ۽ ان کي معطل ڪري ڇڏيو. وزيراعظم شهباز شريف ۽ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي ڪوششن سان آءِ ايم ايف پروگرام بحال ٿيو، ملڪي معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي. پاڪستان قديم تهذيبن جو هنڌ آهي، جنهن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ اسڪرين ٽوئرز?? جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينٽرل بورڊ آف فلم سينسرز ۾ سينسر سينيما هال جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سڌ سماءَ وارو وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان ۽ وزارت جا ٻيا اعليٰ عملدار به موجود هئا. وفاقي وزير چيو ته سموري دنيا ۾ فلم سينسر جو لفظ استعمال ناهي ٿيندو، جڏهن ته فلم سرٽيفڪيشن جو نالو ورتو ويندو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ 1970ع کان پوءِ فلم انڊسٽري تي ڪافي بهتان لڳا جنهن جا اثر اڄ تائين جاري آهن، انهن اثرن کي ختم ۽ پاڪستان جي سڃاڻپ کي بهتر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ لاءِ اسڪرين ٽوئرزم تي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اهڙا ادارا موجود هئڻ گهرجن جيڪي سياحتي موضوعن تي دستاويزي فلمون ٺاهيندڙن کي ??هو??تون ڏئي سگهن. ان مقصد لاءِ اسان پاڪستان ٽيليويزن ۾ ڪم شروع ڪيو آهي، هن چيو ته نواز شريف پنهنجي دور ۾ پاڪستان ڪلچر پاليسيءَ جي شروعات ڪئي هئي، جنهن تي عمل پيرا ٿيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته فلم انڊسٽري کي سبسڊي ڏني پئي وڃي، اسان جي ثقافت ۽ قومي ورثو انتهائي اهميت رکي ٿو. هن فلم سينسر بورڊ ۾ سينسر سينيما جي افتتاح تي سڌ سماءَ واري وزارت جي سموري ٽيم کي مبارڪون ڏيندي چيو ته اسان کي فلم سينسر لاءِ پرائيويٽ سينيما جون خدمتون وٺڻيون پ??ند??ون هيون، هاڻي اها ??هو??ت فلم سينسر بورڊ م دستياب ه??ند??. هن چيو ته پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان جي عمارتن جي احاطن ۾ سينيما گهر قائم ڪيا پيا وڃن ته جيئن عوام کي سستيون تفريحي ??هو??تون ملي سگهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت دوست ملڪن کي ناراض ڪيو جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف اقتدار م اچي دوست ملڪن سان پاڪستان جي لاڳاپن کي بهتر بڻايو. هن چيو ته ٻوڏ دوران به بحالي جون سرگ??مي??ن شروع ڪيون، معيشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ خاص سيڙپڪاري ??هو??ت ڪائونسل جو قيام عمل ۾ آندو جيڪو سيڙپڪاري لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته صحافين ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس جي شروعات ڪئي وئي آهي ته جيئن انهن کي باوقار طريقي سان صحت جون ??هو??تون فراهم ڪري سگهجن. هي اهو قدم آهي جنهن جي اڄ تائين ڪنهن به ذميواري نه کنئي ۽ معاشري جو اهو حصو جنهن کي ڪنهن به ترجيح نه بڻايو، صحافين کي هاڻي اها ??هو??ت فراهم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته سڌ سماءَ واري سيڪريٽري ۽ ايم ڊي پي ٽي وي سهيل علي خان جي قيادت ۾ ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي وي کي انسٽيٽيوشنلائيز ڪيو، ريڊيو ۾ جديد ٽيڪنالاجي لڳائي پئي وڃي جنهن سان سڄي دنيا ۾ هن جي نشريات ٻڌي سگهبي. هن چيو ته اسان ريڊيو پاڪستان جي ملازمن لاءِ هڪ بزنس پلان ڏنو ته جيئن ان جا مالي معاملا بهتر ٿين. ريڊيو جو 4 ارب رپين جو ريڊيو منڊال ٽيڪنالاجي ذريعي پراجيڪٽ جي شروعات ڪئي آهي جنهن سان 52 ملڪن ۾ ريڊيو ٻڌي سگهبو ۽ اها ٽيڪنالاجي سڄي دنيا ۾ استعمال ٿي رهي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته سڌ سماءَ واري وزارت منهنجي ذميوارين ۾ شامل آهي، ان جي ادارن کي اسان مستحڪم ڪنداسين.