راولپنڊي-17 جولاءِ (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته معروضي تربيت اسان جي پيشوراڻي مهارت جو حصو آهي، اسان کي قومي سلامتي کي درپيش ڪنهن به خطري کي مُنهن ڏين لاءِ هميشه تيار رهڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن ڪور ڪم??نڊرز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪي??. آ??ِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جي صدارت هيٺ 258هين ڪور ڪم??نڊرز ڪانفرنس منعقد ٿي. ڪانفرنس ۾ ملڪ جي دفاع ۾ بهادر سپاهي جي مسلسل قربانين کي زبردس?? خراجِ تحسين پيش ڪيو. شرڪت ڪندڙن کي اندروني سلامتي جي موجوده صورتحال بابت تفصيل سان آگاهه ڪيو ويو. ڪور ڪم??نڊرز ڪانفرنس ۾ فوج جي آپريشنل تيارين ۽ تربيتي پهلوئن تي به غور ڪيو ويو. ڪانفرنس ۾ ٻُڌايو ويو ته ڪالعدم ٽي ٽي پي ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمن جا پاڙيسري ملڪ ۾ ٺڪاڻا آهن. ٽي ٽي پي ۽ ٻيا دهشتگرد گروپ پاڪستان ۾ مسئلا پيدا ڪري رهيا آهن. ڪور ڪم??نڊرز ڪانفرنس ۾ فورم کي معاشي بحالي جي منصوبي، سيڙپڪاري، سهولت ڪائونسل جي دائره ڪار بابت آگاهه ڪيو ويو. زراعت، ??ءِ ٽي، معدنيات، ??فاعي پيداواري شعبن ۾ ترقي لاءِ فوج جي ڪاوشن تي بريفنگ ڏني وئي. ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن حڪومت جي معيشت جي بحاليءَ لاءِ حڪمت عمليءَ کي هر ممڪن معاونت فراهم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.