اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سيونٿ ايونيو اوور هيڊ برج جو افتتاح ڪري ڇڏيو، اهو منصوبو هڪ سا?? جي رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪيو ويو آهي. وزيراعظم کي منصوبي جي افتتاح کان ا?? ان بابت بريفنگ ڏني وئي. سيونٿ ايونيو اوور هيڊ برج منصوبي جي افتتاح جي موقعي ??ي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله پڻ وزيراعظم سا?? گڏ هئا. قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن طارق فضل چوڌري، حنيف عباسي ۽ انجم عقيل خان پڻ ان موقعي ??ي موجود هئا. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سيونٿ ايونيو اوور هيڊ برج جي ڊيگهه 2 ڪلوميٽر آهي، جيڪو سري نگر هائي وي تي آهي. ان جا چار لوپس آهن ۽ هڪ فلائي اوور آهي. اهو منصوبو هڪ سا?? جي رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪيو ويو. ان سا?? ٽريفڪ جي وهڪري کي برقرار رکڻ ۾ مدد ملندي. اهو منصوبو جي سڪس ۽ جي سيون کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿو. ان منصوبي ۾ 615 ميٽر جو هڪ انڊر پاس پڻ شامل آهي. ان منصوبي تي ڪل لاڳت 2 ارب رپين کان به گهٽ آهي.