اسلام آباد -01 جولاءِ (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي هن اعتماد جو اظهار ڪيو ته جيتوڻيڪ ا??ها?? تاريخ جا باب کي ٻيهر نٿا لکي سگهو پر رواداري، اتحاد ۽ عظمت جا نوان باب ضرور لکي سگهو ٿا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صدر مملڪت پاڪستانين ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن کي عيد مبارڪ ڏيندي پاڪستاني عوام تي زور ڀر??و آهي، ته هو پنجين وڏي ملڪ جي حيثيت سان جدوجهد ڪن ۽ دنيا ۾ پنهنجي حقيقي ڪردار ادا ڪن. صدر مملڪ?? چيو ته مان 30 سالن کان پوءِ پنهنجو ٻيو حج مڪمل ڪ??و آهي. هن چيو ته مان بنيادي طور تي پياري پاڪستان ۽ ان جي عوام لاءِ دعاڳو آهيان. مان الله پاڪ کان دعا ڪيان ٿو ته هو اسان کي مصيبتن مان ڪڍڻ جو رستو فراهم ڪري، ترقي ۽ خوشحالي جي منزل اسان حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا. هو اسان کي عطا ڪري. الله پاڪ غفور رحيم منهنجي دعا ۽ التجا قبول فرمائي. جهڙي طرح رسول پاڪ صلي ال??ه عليه وسلم جن سڀني کي م??اف ڪيو، ايستائين جو پنهنجي سڀ کان وڏن دشمنن کي به م??اف ڪري ڇڏيو، اسان کي پڻ گهرجي ته اسان ان تي عمل ڪيون. ۽ ايئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون. مون به ايئن ئي ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي آهي. صدر عارف علوي چيو ته منهنجي سڀني کي گذارش آهي ته هو ڪنهن به اهڙي عمل لاءِ مون کي م??اف ڪن جنهن سان ڪنهن کي تڪليف پهتي هجي ۽ ڄاڻي واڻي يا اڻڄائي ۾ مون کان ڪا غلطي ٿي وئي هجي.