اسلام آباد -13 جون (اي پي ??ي) سامونڊي ط??فا?? بائيپر ??واءِ ڪمزور ٿي ڪيٽيگري ٿري ۾ تبديل ٿيڻ بعد انتهائي شديد سامونڊي ط??فا?? ۾ تبديل ٿي ويو آهي. اهو ط??فا?? ڪراچي کان اٽڪل 470 ڪلوميٽر ڏکڻ، ٺٽي کان 460 ڪلوميٽر ڏکڻ ۽ اورماڙه کان 570 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ موجود آهي. نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي طرفان صبح جو جاري ڪيل تفصيلن مطابق سامونڊي ط??فا?? جي سطح تي هوا هلڻ جي رفتار اٽڪل 140 کان 150 ملوميٽر في ??لا?? جڏهن ته ان جي مرڪز جي حصي جي رفتار 170 ڪلوميٽر في ??لا?? تائين آهي. تازي اڳڪٿي مطابق ط??فا?? جي برقرار رهڻ جو امڪان آهي. (اڄ) 14 جون 2023ع جي صبح تائين ان جو رخ اتر طرف ۽ پوءِ اوڀر طرف مڙڻ جو امڪان آهي. ان کان علاوه سڀاڻي 15 جون 2023ع جي منجهند تائين هڪ انتهائي شديد ط??فا?? طور ڪيٽي بندر (ڏکڻ اوڀر سنڌ ڪوسٽل لائين) ۽ ڀارتي گجرات جي سامونڊي پٽي وچ ۾ ٽڪرائجڻ جو امڪان آهي. ط??فا?? سبب امڪاني طور تي ٺٽو، بدين، سجاول، ٿرپارڪر، ڪراچي، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، حيدرآباد، اورماڙه، ٽنڊو الهيار ۽ ٽنڊو محمد خان علائقا متاثر ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.