اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) اقتصادي سروي 23 -2022ع جاري ڪرڻ تي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ڊيفالٽ نه ڪندو ۽ نه ئي ان جو ??و خطرو موجود آهي، هن چيو ته ناڻي واڌ معيشت لاءِ واقعي ئي اهم مسئلو آهي پر اسان ??ن کي وقت سان گڏوگڏ گهٽ ڪري رهيا آهيون ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ان ۾ گهٽائي جي اميد آهي. ناڻي واري وزير چيو ته گذريل حڪومت اسٽيٽ بئنڪ کي مڪمل خودمختياري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ حڪومت جي مالي مشڪلاتن ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو، هن چيو ته پاليسي ريٽ 14 کان 21 سيڪڙو تي هليو ويو آهي تنهن هوندي به ??ن کي هيٺ آڻڻ ۾ وقت گهربل آهي. اسحاق ڊار جو ??وڻ هو ته اها ڳالهه تاريخ جو حصو بڻ??ي ??ئي آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ملڪ کي ڏيوالپڻي کان بچايو آهي ان سان گڏوگڏ ٻاهرين ادائيگين جي نظام کي به بهتر ڪيو ويو جنهن سبب ليٽر آف ڪريڊٽ جا مسئلا حل ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻين ٻاهرين ادائيگين کي به ممڪن بڻ??يو ويو آهي. هن چيو ته هڪ ڏينهن يا هڪ هفتي ۾ ناڻي واڌ يا پاليسي ريٽ ته گهٽ نٿو ڪري سگهجي تنهن هوندي به قوم مطئمن رهي ته اسان مشڪل وقت مان گذري چڪا آهيون. وفاقي وزير جو ??وڻ هو ته ميڊيا جي به اها ذميواري بڻ??ي ٿي ته هو عوام کي صحيح انگن اکرن کان آگاهه ڪري ته جيئن عوام ۾ جيڪا ڳڻتي جي لهر ڏٺي وڃي ٿي ان ۾ گهٽتائي واقع ٿي سگهي.