اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي خصوصي ماڻهن تي زور ڏنو آهي ته اهي معذوري سرٽيفڪيٽ ۽ نادرا جو خصوصي سڃاڻپ ڪ??رڊ ضرور ٺهرائين، ان ??ان انهن کي حڪومتي اس??يمن ۽ سهولتن ما?? فائدو کڻڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن م??ذورن جي حقن واري ڪائونسل سيڪريٽريٽ جي دوري جي موقعي تي ڪيو. خاتون اول کي معذورن جي حقن واري ڪائونسل جي مينڊيٽ ۽ خصوصي ماڻهن کي ڏني ويندڙ خدمتن بابت ٻڌايو ويو. هن چيو ته خصوصي ماڻهن کي ون ونڊو آپريشن جي ذريعي معذوري سرٽيفڪيٽ ۽ نادرا جو خصوصي سڃاڻپ ڪ??رڊ جاري ڪرڻ خوش آئنده آهي، خصوصي ماڻهو نادرا جو خصوصي سڃاڻپ ڪ??رڊ ۽ معذوري سرٽيفڪيٽ ضرور ٺهرائين، ان ??ان حڪومتي اس??يمن ۽ سهولتن ما?? فائدو کڻڻ ۾ مدد ملندي. بيگم ثمينه علوي چيو ته خصوصي ماڻهو پنهنجي ڪوٽا موجب سرڪاري نوڪريون حاصل ڪري سگهن ٿا، سڄي پاڪستان ۾ خصوصي ماڻهن جي چرپر آ??ان بڻائڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي، بازارن، شاپنگ سينٽرز ۽ عوامي جاين تائين خصوصي ماڻهن جي پهچ وڌائڻي پوندي. خاتون اول چيو ته نجي شعبي ۾ خصوصي ماڻهن جي نمائندگي وڌائڻ جي لاءِ ڪاروباري برادري جو تعاون ضروري آهي.