اسلام آباد -11 مئي (اي پي پي) پاڪستان جي آئين جي گولڊن جوبلي جي مناسبت سان رٿيل عالمي ڪنوينشن جي پڌرائي ۾ چيو ويو ??هي ته جمهوريت کي دنيا ۾ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ، انساني حقن ۽ معاشرن جي آزادي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين، قانونس??زي کي وڌيڪ مضبوط بڻائينداسين. ”منهنجو آئين منهنجي آزادي جو ضامن“ جي نعري ??ي وڌيڪ بهتر انداز ۾ ڪم ڪنداسين. ڪنوينشن جي پڄاڻي واري ??يشن ۾ ڊاڪٽر نفيسه شاهه پڌرائي پيش ڪئي. جنهن ۾ چيو ويو ??هي ته ان اهم ترين عالمي ڪنونيشن ۾ سعودي عرب، شام، ايران، ڪرغزستان، ازبڪستان، تنزانيه، برطانيه، آمريڪا سميت سڄي دنيا جي اهم ملڪن جي وفدن شرڪت ڪئي. ڪنوينشن ۾ اسان اتفاق ڪيو ته جمهوريت کي دنيا ۾ مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪنداسين، اسان اتفاق ڪيو ته جمهوريت، انساني حقن ۽ معاشرن جي آزادي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين، اسان قانونس??زي کي وڌيڪ مضبوط بڻائينداسين. ”منهنجو آئين منهنجي آزادي جو ضامن“ جي نعري ??ي وڌيڪ بهتر انداز ۾ ڪم ڪنداسين. ه?? ڪنوينشن ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته اسان قانون جي حڪمراني، خودمختياري، عدليه جي آزادي لاءِ بهتر انداز ۾ ڪم ڪنداسين، انساني حقن ۽ اظهار راءِ جي آزادي لاءِ بهتر انداز ۾ اڳتي وڌڻ تي پڻ اتفاق ڪريون ٿا. آئنده ايندڙ نسلن لاءِ آزاد، محفوظ ۽ پائيدار ترقي تي ٻڌل معاشرو جوڙيو ويندو. عالمي ڪنوينشن ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ??هي ته آئين تحت ڏنل انساني حقن ۽ فلاح ۽ بهبود جو تحفظ ڪيو ويندو. برابري، انصاف ۽ گڏيل احترام جي بنياد تي معاشري ??ي جوڙجڪ لاءِ قدم کنيا ويندا.