لاهور- 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ فوج، پاڪ فضائيه ۽ پاڪ بحريه جي سر??راهن کي ٽيليفون تي عيد جون مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن ج?? اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم پريس ونگ موجب وزيراعظم شهباز شريف چيئرمين ج??ائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا کي ٽيليفون ڪيو ۽ عيد جون مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير، پاڪ فضائيه جي سر??راهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو ۽ پاڪ بحريه جي سر??راهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي کي به فون ڪيو ۽ عيدالفطر جون مبارڪون ڏيندي چيو ته پاڪستاني قوم کي پنهنجي فوج تي فخر ??هي. پاڪستاني قوم پنهنجي سر??دن تي موجود محافظن ج?? ڪري امن ۽ سڪون سان عيد جون خوشيون ملهائي رهي آهي. هن چيو ته مون س??يت پوري قوم پاڪ فوج جي ان بهادر ۽ فرض شناس جوانن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي.