اسلام آ??اد – 18 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيدالفطر جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي گه??تا??ي جي منظوري ڏئي ڇڏي. سزائن ۾ گه??تا??ي جو اطلاق قتل، جاسوسي، رياست مخالف سرگرمين ۽ دهشتگردي سميت سنگين نوعيت جي ڏوهن ۾ سزايافته قيدين تي نه هوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ??ار?? پڌرائي موجب سزائن ۾ گهٽٽائي جو اطلاق زنا، چوري، ڦر، اغوا، مالي ڏوهن ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ڏوهارين تي به نه هوندو. پڌرائي موجب سزائن ۾ گه??تا??ي جو اطلاق 65 سالن کان وڌيڪ عمر جي قيدين ۽ 60 سالن کان وڌيڪ عمر جي عورت قيدين تي هوندو جيڪي هڪ ڀاڱي ٽيون حصو قيد ڪاٽي چڪيون هجن. اهڙي طرح 18 سالن کان گهٽ عمر جا ماڻهو جيڪي پنهنجي هڪ ڀاڱي ٽي سزا ڪاٽي چڪا آهن انهن تي به سزا ۾ گهٽٽائي جو فيصلو لاڳو ٿيندو. صدر سزائن ۾ گه??تا??ي جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ڏني آهي.