اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اڳوڻي صدر آصف علي زردا??ي ۽ پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هائوس اچڻ تي وزيراعظم شهباز شريف ٻنهي اڳ??اڻ?? جو استقبال ڪيو. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال ۽ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جي تازي فيصلي تي پڻ تفصيلي مشاورت ڪئي وئي.