اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف ذخيره اندوزن ۽ منافعي خورن جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪندي وفاق ۽ صوبن جي ضلعي انتظاميا ۽ قا??ون لاڳو ڪندڙ ادارن کي فري هينڊ ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم مرغي جي قيمتن ۾ اضافي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ رمضان ا??مبارڪ ۾ يوٽيلٽي اسٽورز تي سستي کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رمضان ا??مبارڪ دوران کاڌي پيتي جي بنيادي شين جي دستيابي ۽ انهن جي قيمتن ۾ استحڪام يقيني بڻائڻ جي حوالي سان ا??م اجل??س جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ سميت کاڌي پيتي جي شين جي ڪا کوٽ نه آهي. وزيراعظم شه??از شريف ذخيره اندوزن ۽ منافعي خورن جي خلاف سخت قا??وني ڪارروائي جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته وفاق ۽ صوبن ۾ ضلعي انتظاميا ۽ قا??ون لاڳو ڪندڙ ادارن کي فري هينڊ ڏئي ڇڏيو آهي. هن هدايت ڪئي ته ذخيره اندوزي ۽ وڌيڪ اگهه وٺندڙن جي خلاف سخت ترين ڪارروائي ڪئي وڃي. رمضان ا??مبارڪ کان اڳ گودامن، دڪانن ۽ منڊين ۾ آپريسن ڪن. ٻوڏ، معاشي مشڪلاتن ۾ ڦاٿل عوام کان رمضان ۾ جيڪو وڌيڪ قيمت وٺي، ان ??ي سختي سان منهن ڏيو. وزيراعظم وفاقي حڪومت کي وڏن وزيرن سان گڏجي رمضان ۾ شين جي رواني ۽ قيمتن تي ڪنٽرول جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته عبادتن جي مهيني ۾ جيڪو روزيدارن کي تنگ ڪري، ان کي قا??ون جي طاقت سان سبق سيکاريو. شه??از شريف سخت هدايت ڪئي ته شين جي طلب، پهچ ۽ قيمتن ۾ ڳڙٻڙ ٿي ته لاڳاپيل علائقن جي آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ٿيندي. وزيراعظم ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته خوراڪ جي کوٽ نه ته پوءِ مرغي جي قيمت ۾ اضافو ڇو؟ وزيراعظم هدايت ڪئي ته جيڪو عوام کي تنگ ڪري، قا??ون ا?? کي پڪڙ ۾ آڻي، ڪا نرمي نه ڪئي وڃي. عوام تي مهانگائي جو بار وڌائيندڙ منافعي خورن کي پڪڙيو ۽ قا??ون جو سبق سيکاريو. وزيراعظم اها به هدايت ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ يوٽيلٽي اسٽورز تي معياري شين جي فراهمي يقيني هجڻ گهرجي. مقدس مهيني ۾ موبائيل يوٽيلٽي اسٽورز قائم ڪريو، سحر ۽ افطار ۾ روزيدارن جون دعائون وٺو. وزيراعظم وفاق ۽ صوبن ۾ سستا رمضا بازار لڳائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته رمضان بازارن ۾ قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وڃي.