ڪراچي – 14 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اڱاري ڏينهن هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچندو. وزيراعظم آفيس ج?? ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪستان نيوي جي اهتمام هيٺ جاري عالمي گڏيل سامونڊي ??شقن جو معائنو ڪندو، جنهن ۾ 50 کان وڌيڪ ملڪن ج?? سامونڊي ??وجن جا دستا شريڪ ٿي رهيا آهن. هر ٻن سالن کانپوءِ ٿيندڙ انهن مشقن جو بنيادي مقصد سامونڊي ڌاڙيلن، دهشتگردن، منشيات ۽ هٿيار اسمگلرن جي خلاف موثر گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ آهي. وزيراعظم کي ان سلسلي ۾ بريفنگ ڏن?? ويندي. ان موقعي تي وزيراعظم سامونڊي ڌاڙيلن جي خلاف گڏيل ڪارروائي جو مظاهرو ڏسڻ کانسواءِ ٻين سامونڊي ??شقن ۽ پيشيواراڻي مهارتن جو مشاهدو به ڪندو.