اسلام ??باد – 06 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آ??ي. ايوا?? صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان تعزيتي بيان ۾ صدر ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي ۾ فوت ٿيندڙن جي خاندانن، ترڪيه ۽ شام ??ي عوام ۽ حڪومت سان تعزيتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستاني عوام ۽ منهنجون همدرديون ترڪيه ۽ شام ??ان گڏ آهن. صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ فوت ٿيندڙن جي وارثن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي. ڊاڪٽر عارف علوي ٻنهي ملڪن ۾ زلزلي سبب زخمي ٿيندڙن جي جلد صحيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.