اسلام آباد– 02 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سوراب بلوچستان ۾ زمين حاصل ڪندڙ متاثرين کي معاوض?? جي 4 سالن کان عدم ادائيگي تي نيشنل هاءِ وي اٿارٽ?? جي عملدارن خلاف انڪوائري جو حڪم ڏي??دي وفاقي محتسب جي فيصل?? جي خلاف نيشنل هاءِ وي اٿارٽ?? جي اپيل رد ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر بلوچستان جي زمين حاصل ڪرڻ جي 23 متاثرين کي چئن سالن تائين معاوض?? جي عدم ادائيگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن معاوضو ادا ڪرڻ ۾ دير جي ذميوار آفيسرن، اهلڪارن جي خلاف انڪوائري ڪرڻ جا حڪم جاري ڪ??دي چيو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي حڪم جي وصول?? جي 30 ڏينهن جي اندر تعميل جي رپورٽ پيش ڪري. صدر چيو ته اٿارٽي وضاحت ڪري ته محتسب جي حڪمن جي تعميل ڇ?? نه ڪئي وئي. هن چيو ته اٿارٽي چئن سالن جي دير کانپوءِ ايڪنڪ جي منظور?? جي لاءِ ڪيس شروع ڪيو، معاملو دير سان موڪلڻ تي شهرين کي ادائيگي ۾ دير ٿي. صدر چيو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽ?? جي لاپرواهي بلڪل واضح آهي. صدر چيو ته اٿارٽي 1894ع جي لينڊ ايڪيوزيشن ايڪٽ تي عمل نه ڪيو، ايجنس?? جي قانوني ذميواري آهي ته اها ڊپٽي ڪمشنر/ ڪليڪٽر کي معاوضي جا فنڊ جمع ڪرائي. هن چيو ته اٿارٽي زمين کي حاصل ڪرڻ دوران نقصان جي ادائيگي ۾ ناڪام رهي، شڪايتن جي چئن سالن کانپوءِ دير سان ڪيس شروع ڪرڻ بدانتظام?? جي برابر آهي. تفصيل موجب سوراب بلوچستان جي 23 شهرين کان اٿارٽي رو?? جي تعمير جي لاءِ زرعي زمين حاصل ڪئي، روڊ مڪمل ٿيڻ جي باوجود زمين جي معاوض?? جي رقم شهرين کي ادا نه ڪئي وئي، جنهن تي شهرين اٿارٽي کان معاوض?? جي درخواست ڪئي پر ڪو به فائد?? نه ٿيو، ريليف نه ملڻ تي بلوچستان جي شهرين وفاقي محتسب کي درخواست ڪئي، وفاقي محتسب اٿارٽ?? جي حڪمن جي خلاف انڪوائري جو حڪم ڏنو، جنهن کي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي صدر آڏو چئلينج ڪيو، صدر نيشنل هاءِ وي اٿارٽ?? جي درخواست کي مڪمل طور غلط قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو.