اسلام آباد– 01 – فيبروري (اي پي پي) چين جي ??در شي جن پنگ ??شا??ر ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ شهيد ٿيندڙن جي پونئيرن سان تعزيت ۽ زخ??ين جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪ??دي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور حمايت جاري رکڻ ۽ تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چيني ??در شي جن پنگ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي نالي هڪ تعزيتي پيغام ۾ چيني حڪومت ۽ عوام پاران ??شا??ر ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ شهيد ٿيندڙن جي پونئيرن سان تعزيت ۽ زخ??ين جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. چين جي ??در پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ چيو آهي ته چين دهشتگردي جي خاتمي جي قومي ايڪشن پلان کي فروغ ڏيڻ، سماجي استحڪام کي برقرار رکڻ ۽ عوام جي سلامتي جي تحفظ جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور حمايت جاري رکندو ۽ خطي ۽ دنيا ۾ امن ۽ سلامتي جي گڏيل تحفظ جي لاءِ پاڪستان سان دهشتگردي جي خاتمي جي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. چيني وزيراعظم لي ڪي چيانگ پڻ وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ??شا??ر دهشتگرد حملي ۾ جاني نقصان تي تعزيتي پيغام ڏنو آهي. يڪجهتي جي اظهار تي وزيراعظم چيني ??در ۽ چيني وزيراعظم جا ٿ??را مڃيا آهن.