اسلام آباد– 30 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پوليس لائين پشاور جي مسجد ۾ خودڪش ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته شهرين ج?? ناحق رت وهائيندڙن کي عبرت جو نشان بڻائينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ??اران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ آڏو سجدو ڪندڙ مسلمانن ج?? بي رحماڻو قتل قرآ?? جي تعليم جي منافي آهي، الله جي گهر کي نشانو بڻائڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته حملي آورن ج?? اسلام سان ڪو تعلق نه آهي، دهشتگرد پاڪستا?? جي دفاع جو فرض نڀائيندڙن کي نشانو بڻائي خوف پيدا ڪرڻ چاهين ٿا. پاڪستا?? جي خلاف جنگ ڪندڙن کي هستي تان مٽائي ڇڏينداسين. وزيراعظم چيو ته شهرين ج?? ناحق رت وهائيندڙن کي عبرت جو نشان بڻائينداسين. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سڄي قوم ۽ ادارا متحد آهن، سڄي قوم پنهنجي شهيدن کي عقيدت جو سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ امن اما?? جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ٺوس حڪمت عملي اختيار ڪنداسين. وفاق صوب?? جي دهشتگردي جي خاتمي جي صلاحيت وڌائڻ ۾ تعاون ڪندو. وزيراعظم وفاقي گهرو وزير کي هدايت ڪئي ته صوبن ??اص طور تي خيبرپختونخواهه ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ جي صلاحيت ۾ مدد فراهم ڪري. وزيراعظم شهيد?? جي درج?? جي بلندي ۽ گهرڀاتي?? جي لاءِ صبر ۽ زخمي?? جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.