اسلام آباد– 19 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان روس جي بين الحڪ??مت?? ڪميشن (آءِ جي سي) جي واپار، اقتصادي، سائنسي ۽ فني تعاون جو اٺون اجلاس اڄ جمعي ڏينهن اسلام آباد ۾ پڄاڻي تي پهچ??دو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ٻڌايو ته ٻن ڏينهن واري اجلاس ۾ پاڪستان پاران آءِ جي سي جي گڏيل صدارت اقصادي معاملن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق جڏهن ته روسي وفد جي قيادت توانائي واري وزير نڪولائي شولگينوف ڪري رهيو آهي. آءِ جي سي هڪ جامع ٻطرفو مڪينزم آهي جيڪو گڏيل تعاون جي اهم مسئلن بشمول واپار، سيڙپڪاري، صنعت، ريلوي ۽ توانائي تي بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ هڪ پليٽ فارم فراهم ڪري ٿو. آءِ جي سي آخري ڀيرو نومبر 2021ع ۾ روس ?? منعقد ٿيو هو. آءِ جي سي جو جاري اجلاس 20 جنوري تي پڄاڻي تي پهچ??دو.