اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري سان برطانوي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر پرڏيهي وزارت ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ پاڪ برطانيا لاڳاپن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرف?? تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير برطانيا پاران ٻوڏ متاثرين ???? بحالي لاءِ 90 لک پائونڊ جي اضافي مدد جي اعلان تي ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير ملاقات دوران برطانوي هاءِ ڪمشنر پاران پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين ??ابت آگاهي جي قدمن کي ساراهيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر جي لاءِ نيڪ خواهشن جو به اظهار ڪيو.