اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي ته پاڪستان کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هنرمند ماڻهن کي حصيدار بڻائي رهيا آهيون، منهنجي هدايت تي منصوبابندي وارو وزير چي??پيئن آف ريفارمز (سي او آر) نيٽ ورڪ جي شروعات ڪرڻ وڃي رهيو آهي، اهو نيٽ ورڪ هڪ پليٽ فارم طور ڪم ڪندو جنهن ۾ ملڪ جي ماهرن جون خدمتون ورتيون وينديون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چي?? ته پاڪستان جي تاري?? ۾ ??هريون ڀيرو وڏي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ بهترين ٽيلينٽ کي استعمال ۾ آندو ويندو. هنرمند پاڪستاني ملڪ جو ف??ر آهن جن عالمي سطح تي مختلف شعبن ۾ پنهنجو مقام بڻايو. درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هنرمند ماڻهن کي حصيدار بڻائي رهيا آهيون. سي او آر نيٽ ورڪ هڪ اهڙي پليٽ فارم طور تي خدمتون سرانجام ڏيندو جتي قوم جي خدمت جي لاءِ چوٽي جا ماهر گڏجي ويهندا. پاڪستان جي تاري?? ۾ ??هريون ڀيرو اسان عملي رستي طرف گامزن ٿي رهيا آهيون جتي اسان پنهنجي بهترين ٽيلينٽ جي حصيداري سان ملڪ کي درپيش چئلينجز جي حل لاءِ گڏيل ڪوششون ڪنداسين.