اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري انڊونيشيا جي دوري ج?? موقعي تي بالي ۾ بوسنيا هرزيگوينا جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بسيرا ترڪوويڪ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن اعليٰ سطح جي مٽاسٽا، واپار ۽ ٻطرفي تعاون ??ي طريقيڪار جي ذريعي گڏيل تعاون ??ي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن خميس ڏينهن ٿيندڙ ملاقات ۾ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون ??ي سگهه کي وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو.