شرم الشيخ – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ??وپ 27 سربراهي ڪانفر??س جي موقعي تي عراق، تاجڪستان، انڊونيشيا جي صدرن ۽ لبنان جي وزيراعظم ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب مصر ۾ موسمياتي تبديلين جي عالمي ڪانفر??س جي موقعي تي پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ ڪوششن تي وزيراعظم شهباز شريف سڀني جي نگاهن جو مرڪز بڻجي ويو، عالمي اڳو??ڻن وزيراعظم جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ مسلسل موجودگي کي غيرمعمولي جذبو قرار ڏنو. ڪانفر??س جي پهرين ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف مصروف ڏينهن گذاريو. هن ڪوپ 27 سربراهي ڪانفر??س جي موقعي تي شرم الشيخ ڪانگريس سينٽر ۾ اهم عالمي اڳو??ڻن سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم سان عراق جي صدر عبداللطيف راشد، تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان، انڊونيشيا جي صدر جوويدود ??دا ??دا ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف سان لبنان جي وزيراعظم نجيب ميڪاتي پڻ ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف انڊونيشيا جي صدر سان ??الهائيندي چيو ته کاڄرو تيل جي فوري پهچ تي توهان جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون. انڊونيشيا جي صدر چيو ته پاڪستان اسان جو ڀاءُ آهي، هر ممڪن مدد تي خوشي ٿيندي. وزيراعظم شهباز شريف انڊونيشيا جي حڪومت ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. وزيراعظم تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته تاجڪستان جو صدر هلندڙ سال ڊسمبر ۾ پاڪستان ايندو. ٻنهي اڳو??ڻن ۾ موسمياتي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. غيرملڪي اڳو??ڻن پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهين ۽ جاني نقصانن تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته موسمياتي تبديلين سان پوري دنيا متاثر ٿي رهي آهي، ان جا منفي اثر گهٽ ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون لازمي آهن. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي مدد تي عالمي برادري جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ عالمي اڳو??ڻن ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.