اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عم??ان خان جي لانگ مارچ ۾ فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سياسي ميدان خوني ميدان نه ??ڻجڻ گهرجن، هي افسوسناڪ واقعو آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته واقعي کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي، پنجاب پوليس، پنجاب جي انتظاميا، پنجاب جا انٽيليجنس ادارا واقعي جي جاچ ڪري حقيقتون عوام آڏو آڻين. هن چيو ته سينيٽ جي اطلاعات بابت اسٽين??نگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد جي فوٽيج ڏٺي، هو زخمي ٿيو آهي، ان جي صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون. هن چيو ته وزيراعظم واقعي جي شروعاتي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. هن چيو ته هي واقعو پنجاب حڪومت ??ي حدن ۾ ٿيو آهي، ان واقعي تي قياس آرائيون نه ٿيڻ گهرجن، هي حساس معاملو آهي، اهڙن واقعن تي قياس آرائين سان وڌيڪ اشتعال پيدا ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ميڊيا کي ذميواري جو مظاهرو ڪندي پنجاب پوليس ۽ پنجاب حڪومت پا??ان ايندڙ حقيقتن کي نشر ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته گهرو وزير راڻا ثناءُ الله پنجاب حڪومت، آءِ جي پوليس ۽ چيف سيڪريٽري پنجاب سان رابطي ۾ آهي، جيئن ئي ڪا تصديق ٿيل اطلاع ملي ٿي اها ميڊيا سان شيئر ڪئي ويندي. هن چيو ته پنجاب حڪومت ??هڙي طرح جو تعاون ??اهيندي، وفاقي حڪومت فراهم ڪندي. اسان پنجاب حڪومت ??ي رپورٽ جو انتظار ڪري رهيا آهيون.