اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سينيئر صحافي ارشد شريف مر??وم جي گهر وئي ۽ سندس والده سان تعزيت جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير مر??وم ارشد شريف جي گهرواريءَ، ٻارن ۽ سمورن گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪندي چيو ت?? پاڪستان حڪومت ڪينيا مان ارشد شريف جو لاش پاڪستان آڻڻ جي لاءِ سمورا قد?? کڻي رهي آهي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف ٽيليفون تي ارشد شريف جي والده سان تعزيت ۽ گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ت?? ارشد شريف جي مارجڻ جي خبر تمام گهڻي ڏکوئيندڙ آهي، ارشد شريف جي والده وزيراعظم کي پنهنجي پٽ ارشد شريف جي ميت جلد پاڪستان آڻڻ جي درخواست ڪئي. وزيراعظم خاطري ڪر??ئي ته ان سلسلي ۾ سمورا قد?? هنگامي بنيادن تي کنيا پيا وڃن. مر??وم ارشد شريف جي والده وزيراعظم سان ڳالهائيندي چيو ت?? توهان منهنجي ننڍي پٽ ارشد شريف جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي به تعزيت جي لاءِ گهر آيا هئا. وزيراعظم چيو ت?? پاڪستان حڪومت ڪينيا جي حڪومت سان مسلسل رابطي ۾ آهي، مر??وم ارشد شريف جي مڙهه کي وطن واپس آڻڻ جي لاءِ پرڏيهي ۽ گهرو وزارتن کي فوري قد??ن جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم پرڏيهي سيڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽري کي ميت جي واپسي جو عمل تيز ڪرڻ ۽ ٻنهي وفاقي سيڪريٽرين کي ڪينيا جي عملدارن سان رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ت?? ٻنهي وفاقي سيڪريٽرين کي ميت جي وطن واپسي جي سمورن مرحلن جي ذاتي طور تي نگراني ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم مر??وم جي والده کي يقين ڏياريو ت?? ضابطي جي ڪاررو??ئي مڪمل ٿيندي ئي مر??وم ارشد شريف جو مڙهه پاڪستان آندو ويندو.