پشاور- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) بج??ي واري وفاقي وزير خرم دستگير خان چيو آهي ت?? ڪي پي ڪي جي اٽڪل سڀني ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ بج??ي بحال ڪئي وئي آ??ي. سوات ۽ـ باجوڙ جي ڪجهه ٻوڏ سٽيل علائقن کانسواءِ ڪي پي ڪي جي سڀني ضلعن ۾ بج??ي بحال ڪئي وئي آ??ي جنهن ۾ پيسڪو ۽ ٽيسڪو عملدار ۽ فيلڊ اسٽاف تعريف جا حقدار آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻوڏ متاثر گرڊ اسٽيشنز، فيڊرز، ٽرانسميشن لائنن ۽ ٿنڀن سميت بج??ي جي بنيادي ڍانچي کي پهتل نقصان کانسواءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪمن جي حوالي سان پيسڪو هيڊ ڪوارٽرز ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن پيسڪو ۽ ٽيسڪو عملدارن کي هدايت ڪئي ت?? مٿاهين سوات ۽ باجوڊ جي باقي رهيل ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ جلد کان جلد بج??ي بحال ڪئي وڃي. هن چيو ته 9 بند گرڊ اسٽيشنن مان 6 گرڊ اسٽيشنن تي بج??ي بحال ڪئي وئي آ??ي، اهڙيءَ طرح صوبي ۾ 126 متاثر ٿيندڙ فيڊرز مان 121 فيڊرز کي بحال ڪيو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي ٻوڏ سبب ٿيل نقصان جو جائزو وٺڻ لاءِ پشاور پهتل وفاقي وزير چيو ته تباهه ٿيل بج??ي جي ٿنڀن ۽ ٽرانسميشنن لائنن کي ترجيحي بنيادن تي ٻيهر تعمير ڪيو ويندو . هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ڪي پي ڪي جي ٻوڏ متاثرن لاءِ 10 ارب رپيا مالي امداد جو اعلان ڪيو آهي ت?? جيئن متاثر آباديءَ کي رليف فراهم ڪري سگهجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٻوڏ متاثرن کي بج??ي جي بلن ۾ رليف جي فراهميءَ لاءِ قومي پاليسي بڻائي ويندي. هن چيو ته ڪي پي ڪي کانسواءِ سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ ٻوڏ تباهي مچائي آ??ي. هن چيو ته بج??ي جي نقصانن تي ضابطو آڻڻ ?? ريڪوري وڌائڻ لاءِ ه?? جامع حڪمت عملي ت??ار ڪئي پئي وڃي.