اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته ڪشميري ع??ام جي امنگن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن مطابق حقِ خوداراديت واري حق جي حاصلات لاءِ حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني جي ڪيل جدوجهد ايندڙ نسلن لاءِ هميشه مشعل راهه رهندي. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل بابر افتخار پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستاني قوم ڀارت جي بدترين ??لم خلاف بهادر ڪشميري اڳواڻن جي مزاحمت ک?? خراجِ تحسين پيش ڪري ٿي.