اسلام آباد-29 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي سربراهه ٻوڏ متاثر علائقن جي بگڙجندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڪ فضائيه کي ٻوڏ جي جارحاڻي مهم ۾ وڌيڪ تيزي پيدا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. پاڪ فضائيه جي سربراهه سمورن بيسز کي هدايت ڪئي آهي ته هو مقامي سول عملدارن سان گڏجي ٻوڏ متاثر ماڻهن جي مدد ڪن. پاڪ فضائيه جي ترجمان مطابق ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ پي اي ??يف فلڊ رليف ڊونيشن اڪائونٽ قائم ڪيو پيو وڃي. چيف آف دي ا??ئر اسٽاف جي انساني امداد ۽ قدرتي آفتن بابت امدادي مهم جو مقصد زميني رستو ڪٽجڻ سبب ڏورانهن علائقن ۾ ڦاٿل ٻوڏ متاثرن تائين پهچي کين بروقت امداد فراهم ڪرڻ آهي. پي اي ??يف جي سمورن برانچز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ان مهم لاءِ ڀرپور ڪوشش ۽ تعاون فراهم ڪن. امدادي ڪاررواين جي ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکڻ لاءِ ا??ئر هيڊ ڪوارٽرز اسلام آب??د ۾ هڪ فوڪل پوائنٽ به قائم ڪيو ويو آهي. اثرائتي انتظامن لاءِ ريجنل ا??ئر ڪمانڊز تحت 3 رليف زونز قائم ڪيا ويا آهن جڏهن ته پي اي ??يف ا??ئر موبلٽي ڪمانڊ جي 25 کان وڌيڪ هيلي ڪاپٽرز ۽ 8 سي-130 جهاز ڏورانهن علائقن ائين فوري رسائي لاءِ استعمال ڪيا ويندا. ان جدوجهد لاءِ هڪ ا??ئر سپورٽ برج قائم ڪيو پيو وڃي، جتي بي گهر ماڻهن لاءِ خيما بستيون قائم ڪيون پيون وڃن جي کين مفت خوراڪ، رهائش ۽ طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. ڊزاسٽر رليف سيل ۾ قائم پي اي ??يف هيلپ ڊيسڪ مان ٻوڏ بابت ڪنهن به قسم جي ڄاڻ ۽ امداد لاءِ 9260835-051 ۽ 9262404-051 تي رابطو ڪري سگهجي ٿو.