نوشهره – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪ??و ۽ ٻوڏ جي صورتحال ۽ امدادي ڪاررواين جو جائزو ورتو. وزيراعظم نوشهره ۾ قائم ڪيل امدادي ڪئمپ جو به دورو ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف کي نوشهره ۾ ٻوڏ جي صورتحال، ريسڪ??و ۽ امدادي ڪاررواين ت?? بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم شهباز شريف نوشهره ۾ مردان پل تي ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو ورتو. وزيراعظم کي ڪابل درياءَ ۾ ٻوڏ واري صورتحال ۽ ريسڪيو جي لاءِ قدمن تي تفصيل?? بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ماڻهن کي محفوظ جاين تي منتقل ڪرڻ ۽ فوري ريسڪيو جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آ??ڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار انجنيئر امير مقام پڻ موجود هئا.