اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بجلي جي صارفين جي شڪايتن جي ازالي ل??ءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪندي 200 يونٽن وارن صارفين جي بلن کي 24 ڪلاڪن اندر گهٽ ڪرڻ جي هداي?? ڪئي آهي. اها هدايت وزيراعظم پنهنجي صدارت هيٺ بجلي جي صارفين جي مسئلن جي حل ل??ءِ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم پاران بجلي صارفين جي ل??ءِ ريليف پئڪيج تي عملدرآمد يقيني بڻايو پيو وڃي. هڪ ڪروڙ 66 لک صارفين کي فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڏنل ريليف تحت بلن جي تصحيح جاري آهي. وزيراعظم ريليف جي قدمن کيتي فوري عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون. وزيراعظم بجلي صارفين جون شڪايتون ختم ڪرڻ جي ل??ءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ??ري ڇڏي. وزيراعظم هداي?? ڪئي ته 200 يونٽن تائين وارن بجلي صارفين جي بلن ۾ اعلان ڪيل ريليف کي 24 ڪلاڪن ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ صارفين جي بلن کي گهٽ ڪيو وڃي. بجلي جي بلن جي تصحيح جي ل??ءِ ڊسڪوز جو عملو 24 ڪلاڪ ڪم ڪندو. بلن جي تصحيح ل??ءِ عملي جون موڪلون ختم ??ري ان ڪم کي فوري اڪلائي مون کي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. بل جمع ڪرائڻ جي ل??ءِ بئنڪن کي اڳئين ڏينهن به کليل رهڻ جي هداي?? ڪئي وڃي.