ڪراچي – 10 – آگسٽ (اي پي پي) ڪمشنر ڪراچي ??حمد اقبال ميمڻ چيو آهي ته بئنڪ اسلامي جي تعاون سان ڪمشنر جي نگراني هيٺ منعقد ٿيندڙ پلاٽينم جوبلي پاڪستان آزادي ڏهاڙي فيسٽيول ۾ ڪراچي جي اسڪولن جي وچ ۾ تعليم کاتي جي حص??دا??ي سان مختلف مقابلا جنهن ۾ تقريري، نعت ۽ ملي نغمن جا مقابلا شامل آهن منعقد ڪيا ويندا. اهو فيصلو ڪمشنر آفيس ۾ سندس صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر اسڪولز فرناز رياض، رجسٽرار قاضي عبدالرزاق، اسسٽنٽ ڪمشنر جنرل عابد قمر شيخ، ڪوآرڊينيٽر غلام محمد خان ۽ محمد اخلاق شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪمشنر ڪراچي ??حمد اقبال ميمڻ چيو ته سنڌ جي وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽري جي سربراهي ۾ ڪمشنر آفيس انهن تقريبن جو شاندار انداز ۾ اهتمام ڪيو آهي ۽ پورو شهرن ان سان ڳنڍيل آهي جنهن ۾ بئنڪ اسلامي تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته تعليم کاتي سدائين ڪراچي جي ??نت??اميا سان ڀرپور حص??دا??ي ڪئي آهي ۽ مون کي ام??د آهي ته مٿي ڏنل ٽئي پروگرام ڀرپور انداز ۾ منعقد ٿيندا.