اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي بحالي ۽ بجيٽ 23 -2022ع ۾ ڪٽوتي نه ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي مسلم ليگ (ن) جي اڳوڻي دور وانگر فعال بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بي??ن موجب وزيراعظم هائير ايجوڪيشن ڪميشن بابت منصوبابندي ۽ ناڻي واري وزارت کي هدايتون جاري ڪيون آهن، وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي بجي?? ۾ ??ذريل پوڻا چئن سالن ۾ ڪٽوتين اعليٰ تعليم تي منفي اثر وڌو آهي، ان عمل کي واپس ڪيو وڃي، سڄي ملڪ جي يونيورسٽين ۾ تعليمي پراجيڪٽس جي بحالي تي ڌيان ڏنو وڃي، اعليٰ تعليم کي عالمي معيار تي هموار ٿيندي پروگرامز جي تعداد ۾ اضافو ڪيو وڃي. هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي بجي?? ۾ ??ٽوتي نه ڪئي وڃي. هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي وس??لن ۾ چڱو خاصو اضافو ڪيو وڃي. استادن ۽ شاگردن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيو وڃن.