اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قو??ن جي سيڪريٽري جنرل انٽونيو گوٽريس سان نيويارڪ ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ملاقات دوران پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۾ گهڻ رخي ۽ گڏيل قو??ن جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قو??ن جي چارٽر جي اصولن تي سختي سان عمل ڪري رهيو آهي، پاڪستان سدائين انهن اصولن موجب عالمي مسئلن جي حل جي حمايت ڪئي آهي. بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قو??ن جي سيڪريٽري جنرل کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ غيرقانوني آبادياتي تبديلين جي سنگين صو??تح??ل کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو گڏيل قو??ن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل جي ضرورت تي زور ڏنو.