اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته آئين پاڪستان جي خلاف ڪو ڪم اسان جي سالميت، قومي يڪجهتي، جمهوريت ۽ ملڪ پاڪستان جي لاءِ خطرو بڻج?? سگهي ٿو، پرڏيهي وزير پاران پارلياماني ڪميشن جي قيا?? جي تجويز تي آئين ۽ قانون موجب فيصلو ڪيو ويندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي اٿاريل نقطي تي رولنگ ڏيندي اسپيڪر چيو ته آئين پاڪستان جي سربلندي، عزت توقير ۽ تڪريم هر اداري ۽ فرد تي لازمي آهي، ان سان جڙ??ل رهڻ بنيادي شرط آهي. آئين پاڪستان جي خلاف ڪو به ڪم اسان جي سالميت، قومي يڪجهتي، جمهوريت ۽ ملڪ پاڪستان لاءِ خطرو بڻج?? سگهي ٿو، ڪنهن شخص يا اداري کي اها اجازت نٿي ڏئ?? سگهجي ته هو آئين ??ان کيڏي، پرڏيهي وزير پاران پارلياماني ڪميشن جي قيا?? جي تجويز تي آئين ۽ قانون موجب فيصلو ڪيو ويندو.