اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي پنجاب جي نئين چونڊيل وڏي وزير ميان محمد حمزه شهباز شريف کان سندس عهدي جو حلف ورتو، حلف ??رد??ري تقريب گورنر هائوس لاهور ۾ منعقد ٿي، حلف ??رد??ري تقريب ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جو وڏو تعداد موجود هو، تقريب کانپوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف مزار اقبال تي حاضري ڏني ۽ گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي، واپسي کان اڳ راجا پرويز اشرف حضرت داتا گنج بخ?? رحمته عليه جي درٻار تي حاضري ڏني ، فاتحه خواني ڪئي ۽ ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعا گهري اُن کان اڳ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر راجا پرويز اشرف پنجاب جي نئين چونڊيل وڏي وزير ميان محمد حمزه شهباز شريف کان حلف وٺڻ لاءِ لاهور پهتو، قومي اسيمبلي سيڪريٽري موج?? لاهور ايئرپورٽ تي صوبائي انتظاميه پاران سندس والهاڻو استقبال ڪيو ويو