اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چي?? آهي ته اسان انشاءُ الله بي اعتمادي رٿ جو ڄمي مقابلو ڪنداسين ۽ مخالف ڌر کي شڪست ڏينداسين. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چي?? ته منهنجي بلاول کي گذارش آهي ته قومي ۽ آئيني ادارن کي سياست ۾ گهيلڻ مناسب نه آهي، اسان انشاءُ الله بي اعتمادي رٿ جو مقابلو ڪنداسين ۽ کين شڪست ڏينداسين. هن چي?? ته بلاول آرٽيڪل 6 جو ذڪر ڪندو آهي، آئين سڀني لاءِ مقدس آهي. پرڏيهي وزير بلاول کان پڇيو ته جڏهن توهان ۽ توهان جو والد نوٽن جا ٿيلها کڻي ميمبرن جي درن تي وڃي چئي رهيا آهيو ته پنهنجيون وفادارايون تبديل ڪريو ته ڇا اهو حلف کان منهن موڙڻ ناهي؟ آئين جي روح کي توهان ۽ توهان جو والد متاثر ڪري ??هيا آهيو، انهن غير آئيني حربن کان پاسو ڪريو. شاهه محمود قريشي چي?? ته اهو نه وساريو ته اهڙا ماڻهو به آهن جنهن اسان کي اچي ٻڌايو آهي ته توهان انهن سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪري ??هيا آهيو، سياسي ڪارڪن جي حيثيت سان مون ۽ منهنجي پارٽي کي پنهنجي اتحادين تي مڪمل اعتماد آهي، اهي ڏاها ماڻهو آهن ۽ هر مشڪل وقت ۾ اسان جو ساٿ ڏنو ۽ اهي مخالف ڌر جي سمورين چالن کي سمجهن ٿا. اهي سب تجربيڪار سياستدان آهن ۽ ڪنهن لالچ ۾ نه ايندا. هن چي?? ته پاڪستان جي باشعور عوام سمجهي ٿ?? ته انهن جي ”ان هولي الائنس“ جو انتظام تمام جلد وکري ويندو ڇو ته مخالف ڌر ۾ شامل پارٽين جو ڪو هڪ نظريو ۽ هڪ سوچ نه آهي. پرڏيهي وزير سوال ڪيو ته ڇا بلاول پيپلزپارٽي جي آئيڊيالوجي کي مولانا جي آئيڊيالوجي ۾ ضم ڪري ڇڏيو آهي؟ ڇو ته ن ليگ جي پنهنجي سوچ آهي جيڪڏهن توهان جو خيال آهي ته مريم نواز مس??قب?? جي ليڊر توهان کي سمجهي ٿ?? ته اها توهان جي غط فهمي آهي، توهان جو نه نظريو، نه قيادت ۽ نه ئي منشور هڪ آهي. هن چي?? ته پاڪستان جو هر شعور رکندڙ شهري ??مجهي چڪو آهي ته ان ”ان هولي الائنس“ جو مقصد عمران خان کي هٽائڻ آهي. ماڻهو ان ڳالهه جي تهه تائين پهچي چڪا آهن ته توهان عمران خان کان ڊنل ڇو آهيو؟ پرڏيهي وزير چي?? ته ڇا ان بي يقيني جي ڪيفيت سان پاڪستان جي معيشت کي فائدو پهچي رهيو آهي؟ ڇا ان بي يقيني جي ڪيفيت سان توهان افغانستان جي ماڻهن جي خدمت ڪري ??هيا آهيو، توهان دنيا کي ڪنفوزڊ سنگل ڇو ڏيڻ چاهيو ٿا؟ هن چي?? ته مون کي يقين آهي ته کين جلد سخت مايوسي ٿ??ندي. اسان کي او آءِ سي جي اجلاس جي اهميت جو پتو آهي، انشاءُ الله 22 ۽ 23 مارچ تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو 48 هون اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندو. هن چي?? ته اڄ وڏيون وڏيون آڇون ڪيون پيون وڃن، ڇا جن کي آڇون ڪيون پيون وڃن اهي توهان جي ماضي کان غافل آهن؟ هن چي?? ته مون کي يقين آهي ته انشاءُ الله اهي ناڪام ٿيندا. اهي ٽيهه، 30 هزار روپيا ڏئي ماڻهن کي سنڌ مان آندو، ڇا کڻي آيا ۽ ڇا ڏئي ويا؟