اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته رضا رباني فرمائي ٿو ته پي آءِ اي کانسواءِ ??نهن به ايئر لائين کي اندرون ملڪ اڏامن جي اجازت نه هجڻ گهرجي، اهي ماڻهو اڃا تائين مارڪسزم ۾ ڦاٿل آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته جيڪڏهن پيپلزپارٽي 70ع جي ڏهاڪي ۾ نيشنلائيزيشن نه ڪئ?? هجي ها ته اڄ اسان عالمي اقتصادي طاقت هجون ها.