اسلام آباد ??? 02 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سياحت ۽ ان سان جڙيل ٻين شعبن جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سياحت جا بي پناهه موقعا موج??د آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اطهار هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته وادي ۾ سياحت جي شعبي جي ترقي سان انفرااسٽرڪچر ۽ معيشت ??ي بهتري ۽ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ٿين??ا. ??زاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم، وزيراعظم عمران خان کي آزاد ڪشمير حڪومت جي جاري عوامي ڀلائي ۽ سياحت جي شعبي جي ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم عمران خان آزاد ڪشمير ۾ احتساب ايڪٽ ??ي بحالي کي خوش آئنده قرار ڏيندي قانون ??ي بالادستي ۽ نظام ۾ شفافيت کي ملڪي ترقي لاءِ اڻٽر قرار ڏنو.