اسلام آباد – 31 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد اڄ رٽائر ٿي رهيو آهي، هن اقليتن جي عبادتگاهن جي ل??ءِ تاريخي اسٽينڊ ورتو، ان سان سندس عزت ۽ احترام ۾ اضافو ٿيو. پنهنج?? هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهڙي وقت ۾ جڏهن هندستان جي عدليه شدت پسندن جي هٿان بي وس نظر اچي ٿي، جسٽس گلزار جهڙن ??جن اقليتن کي سهارو ڏنو ۽ آزاداڻا فيصلا ڏنا، پنهنج?? هڪ ٻي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هن سال سپريم ڪورٽ ۾ پنج جج رٽائر ٿي رهيا آهن، چوڌري فواد حسين چيو ته پارليامينٽ کي نون ??جن جي مقرري ل??ءِ آئيني ترميمن تي غور ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن پارليامينٽ سپريم ڪورٽ ۾ مقررين کي آزاد ۽ شفاف بڻائي ٿي ته اهو تمام وڏو ڪم هوندو، سياسي پارٽيون پنهنجي اختلافن ک?? هڪ پاسي رکي ان اهم ترميم ل??ءِ غور ڪن.