اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن سمورين سياسي پ??رٽ??ن جي بئنڪ اڪائونٽس ڊيٽا گهرائي، (ن) ليگ فنڊنگ ڪيس ۾ فراريت اختيار ڪرڻ چاهي ٿي. مملڪتي وزير فارن فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته (ن) ليگ چاهي ٿي ته ان??ن جي اڪائونٽس جي ڇنڊڇاڻ نه ٿئي. مملڪتي وزير فرخ حبيب وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجي ڊونرز جو حساب ڏنو، وڌيڪ ڇنڊڇاڻ جي لاء?? به تيار آهي، پيپلزپ??رٽ?? ۽ (ن) ليگ جي اڪائونٽس جي ڇنڊڇاڻ پڻ مڪمل ڪئي وڃي، اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني کي پنهنجو ڪم مڪمل ڪرڻ گهرجي، مريم، بلاول ۽ مولانا وڏي فنڊنگ جون ڳالهيون ڪندا هئا، پي ٽي آءِ جي خلاف اسڪروٽني ڪميٽي جي رپورٽ ۾ اهڙو ڪجهه به ثابت نه ٿيو، پاڪستان ۾ سياسي پ??رٽ??ن جي اڪائونٽس جي ڇنڊڇاڻ ٿيڻ خوش آئنده آهي، اليڪشن ڪميشن کي گذارش آهي ته اسٽيٽ بئنڪ کان سمورين سياسي پ??رٽ??ن جي اڪائونٽس جا تفصيل وٺي. مملڪتي وزير چيو ته سياسي پ??رٽ??ن جي اڪائونٽس ۾ شفافيت هجڻ گهرجي.