مل??ان – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته حضور اڪرم ﷺ جي حيات طيبه جي پيروي ئي دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي جي ضامن آهي، عوام جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي تقريبن ۾ مذهبي جوش ۽ جذبي سا?? حصو وٺي رهي آهي،
هن چيو ته ڪجهه قوتون پاڪس??ان ۾ افراتفري ۽ انتشار چا??ين ٿيون پر انهن جا ارادا پورا نه ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن مل??ان ۾ عيد ميلاد النبي ﷺ جي جلوس جي موقعي تي ميڊيا سا?? ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته ان مبارڪ ڏينهن ۾ الله تعاليٰ کان دعا ڪريان ٿو ته هو پاڪس??ان کي اند??ون?? ۽ ٻاهرين خطرن کان محفوظ رکي.
شاهه محمود قريشي چيو ته عيد ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي سڄي ملڪ مان شهري نبي ڪريم حضرت محمد ﷺ سا?? پنهنجي محبت ۽ عقيدت جو ڀرپور اظهار ڪري رهيا آهن، هن چيو ته دعاڳو آهيان ته رب العالمين انهن جي عقيدت کي قبول فرمائي ۽ دعاڳو آهيان ته الله پاڪ پاڪس??ان کي خوشحالي، ترقي ۽ استحڪام نصيب فرمائي.