اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ ام?? ۽ ??ستحڪام علائقائي سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ ضروري آهي، افغانستان کي فوري طور تي انساني بنيادن تي امداد جي ضرورت آهي، عالمي برادري کي افغانستان سان رابطن ۾ رهڻ گهرجي، مشڪل حالتن ۾ افغان عوام کي اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي، روس سان توانائي، واپار سميت ٻين شعبن ۾ تعاون جو فروغ چاهيون ٿا. روس جي صدر ولاديمير پيوٽن وزيراعظم ??مران خان کي ٽيليفون ڪئي. ٻنهي اڳواڻن افغانستان ۾ تازي اڳڀرائي، گڏيل تعاو?? ۽ ??نگهائي تعاون تنظيم ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ??مران خان ان موقعي تي چيو ته افغانستان ۾ ام?? ۽ ??ستحڪام علائقائي سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ اهميت رکي ٿو، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته افغانستان کي هنگامي بنيادن تي انساني امداد فراهم ڪئي وڃي جڏهن ته معاشي بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پڻ مدد ڪئي وڃي. وزيراعظم ??مران خان عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغانستان سان رابطا برقرار رکي. هن زور ڏنو ته افغان عوام کي مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ اڪيلو نه ڇڏيو وڃي. هن افغانستان جي تبديل ٿيندڙ صورتحال جي اهميت جي ڏس ۾ پاڪستا?? ۽ ??وس جي وچ ۾ ويجهن لاڳاپن ۽ مشاورت تي زور ڏنو. گڏيل تعاون جي ڏس ۾ وزيراعظم مختلف شعبن ۾ وڌندڙ تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي پاڪستان پاران مجموعي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم کي ورجايو. هن چيو ته واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ روس سان تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم ??ن موقعي تي پاڪستان اسٽريم گيس پائيپ لائين منصوبي کي جلد عملي جامعو پارائڻ جي عزم کي پڻ ورجايو. وزيراعظم ??وسي صدر پيوٽن کي پاڪستان جي دوري جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو جڏهن ته روسي صدر وزيراعظم ??مران خان کي روس جي دوري جي دعوت جي تجديد ڪئي. اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن ۾ هم آهنگي، وڌندڙ اعتماد ۽ تازن اعليٰ سطح جي رابطن سان عبارت ٻطرفي تعاون ۾ اضافي جي ڪري پاڪستا?? ۽ ??وس جا لاڳاپا فروغ پذير آهن. ٻنهي اڳواڻن ويجهو رابطو رکڻ تي اتفاق ڪيو.