اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ بائونڊريز کي عبور ڪرڻ کان وٺ?? وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تائين ڪاميابي جو تصور ذهني غلامي کان آزاد، پاڪ ۽ حقيقت تي ٻڌل سوچ رهيو آه??، ماضي ۾ عمران خان ڪرڪريٽ جي سنهري دور ۾ پاڪستاني ٽيم جو هڪ اهڙي نوجوان رانديگر جي طور تي اڀري سامهون آيو ج??ڪو مغربي ڪرڪيٽرز جي شان ۽ شوڪت نه آيو پر هن سدائين پنهنجي بهترين ڪارڪردگي تي ڀاڙيو.
وزيراعظم عمران خان ڪيترن ئي موقعن تي چئي چڪو آه?? ته کيس 16 سالن جي عمر ۾ پنهنجي فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ شروع ڪئي ۽ پنهنجي ساٿي رانديگرن جي ان موقف سان ڪڏهن به اتفاق نه ڪيو ته مغربي ٽيمن کي شڪست نٿي ڏئي سگهجي، هن پاڪستاني ساٿي رانديگرن جي سدائين حوصلا افزائي ڪئي ته هو اهڙي ذهني ڪيفيت مان نڪري پاڻ تي يقين ڪن، انهي جذبي تحت پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي ڪپتان عمران خان جي قيادت ۾ 1992ع جو ورلڊ ڪپ کٽيو ج??توڻيڪ ان وقت ماهرن پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم کي وچولي درجي جي ٽيم قرار ڏنو هو.
وزيراعظم عمران خان سياست ۾ به انهي ذهني پختگي، عزم ۽ ولولي سان پنهنجو سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيو آه??. سماجي ويڇن جي چئلينجن کي منهن ڏيندڙ پاڪستاني قوم کي هو وزيراعظم طور اهو مشورو ڏيندو رهيو آه?? ته هو پنهنجي ذهنن کي ٻين ثقافتن جي ذهني غلامي کان آزاد ڪن. هن تازو ئي ملڪي تاريخ جو پهريون هڪجهڙو قومي نصاب جاري ڪرڻ جي موقعي تي چيو ته غلام ذهن ڪڏهن به ڪو وڏو ڪارنامو انجام نٿو ڏئي سگهي، صرف جدت تي ٻڌل اصل سوچ ئي ان کي اعزازن سان همڪنار ڪري سگهي ٿي،
هڪجهڙو قومي نصاب وزيراعظم عمران خان جي خواب جي تڪميل آه??، سندس پارٽي جو ٻن ڏهاڪن کان اهو منشور رهيو آه?? ته قوم کي گڏيل اختلاقيات ۽ اخلاقي قدرن تي متحد ڪيو وڃي,وزيراعظم عمران خان اهڙي تعليمي نظام کي فروغ ڏيڻ جي حق ۾ نه آه?? جنهن جو مقصد ڪمتري يا برتري جي بنياد تي مختلف سماجي طبقن جي وچ ۾ هڪ وسيع ويڇو پيدا ڪرڻ هجي. هن جو چوڻ آه?? ته اها ڳالهه افسوسناڪ آه?? ته انگريزي زبان سکڻ جي حد تائين محدود ناهي رهي پر اها هڪ اسٽيٽس سمبل بڻجي وئي آه??،
عمران خان جو اهو چوڻ آه?? ته ذهني غلامي جي زنجيرن کي ٽوڙڻ وڌيڪ مشڪل آه?? ۽ اسان قوم کي اهڙي ذهني ڪيفيت مان ڪڍڻ لاءِ پرعزم آه??ون، ڪا به قوم ان وقت تائين اعليٰ منزلون طئي نٿي ڪري سگهي جيستائين هو پنهنجي حقيقي قدرن ۽ اخلاق تي نه ڀاڙي. وزيراعظم جو چوڻ آه?? ته بدقسمتي سان جهڙي طرح اسان جو نظام تيار ٿيو، اسان انگريزي کي صرف اعليٰ تعليم جي لاءِ زبان جي طور تي نٿا سکون پر اسان ان جي بدران پوري ثقافت کي اختيار ڪريون ٿا جيڪو انتهائي افسوسناڪ آه??.
وزيراعظم جو اهو موقف آه?? ته ٻين جي ثقافت کي اختيار ڪرڻ ذهني غلامي جو سبب بڻجي سگهي ٿو ج??ڪي حقيقي سوچ ۽ جدت جي رستي ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ آه??، جڏهن توهان ڪنهن جي ثقافت اختيار ڪندا آه??و ته توهان ان کي اعليٰ سمجهندا آه??و ۽ ان جا غلام بڻجي ويندا آه??و. هن جو چوڻ آه?? ته اها ذهني غلامي جي هڪ اهڙي نظام جو نتيجو ٿئي ٿو ج??ڪو جسماني غلامي کان بدتر آه??، ڪنهن جي نقل ڪرڻ صرف نقل ٿي سگهي ٿي ۽ اهڙي طرح هو هڪ سٺو علام بڻجي ويندو آه?? جيڪو صرف روايتن کي اختيار ڪرڻ ۽ نقل ڪرڻ لاءِ هوندو آه?? ۽ هو ان کان ڪڏهن به ڪجهه وڌيڪ حاصل نٿو ڪري سگهي.
وزيراعظم عمران خان قومي نصاب جاري ڪرڻ جي تقريب جي موقعي تي افغانستان ۾ رونما ٿيندڙ صورتحال جو ذڪر ڪيو هو، ان جو اصل ۾ اهو چوڻ هو ته صرف جسماني غلامي جو خاتمو ڪافي ناهي پر ذهني غلامي مان نڪرڻ وڌيڪ اهم آه??،
وزيراعظم عمران خان چيو هو ته تازو ئي افغانستان ۾ غلامي جون زنجيرون ٽٽيون آه?? تنهن هوندي به هن اها ڳالهه واضح ڪري ڇڏي هئي ته ذهني غلامي جون زنجيرون ٽوڙڻ مشڪل ترين ڪم آه??، هن ان ڳالهه جو اظهار افغان قوم جي تعليم تائين پهچ جي اهميت ۽ دنيا جي سامهون انهن جي ذهني ڪيفيت جي پيش نظر ڪيو هو.اها هڪ حقيقت آه?? ته خطي جي مسئلن جو هڪ بنيادي سبب سستي تعليم تائين پهچ نه هجڻ آه??، ڪنهن قوم ۽ پوري خطي جي لاءِ تعليم کانسواءِ پاڻ کي اڳتي وڌائڻ ناممڪن آه??، عالمي شهرت يافته آفريقي اڳواڻ نيلسن منڊيلا هڪ دفعو چيو هو ته تعليم دنيا جو سڀ کان طاقتور هٿيار آه?? جنهن کي دنيا کي تبديل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو، وزيراعظم عمران خان ذهني غلامي جي زنجيرن کي ٽوڙڻ جي باري ۾ جيڪو بيان ڏنو اهو خطي جي گهٽ ترقي يافته ۽ پوئتي پيل ملڪن جي لاءِ رهنمائي آه?? ته هو پاڻ تي يقين رکندي ترقي جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائين.