اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) قانون ۽ ا??صاف واري وفاقي وزير بئريسٽر ڊاڪٽر محمد فروغ نسيم جي صدارت ۾ ڪابينا جي ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) بابت ذيلي ڪميٽي جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. وفاقي گهرو وزير ش??خ رشيد احمد کانسواءِ گهرو وزارت ۽ نيب جا اعليٰ عملدار پڻ اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ اي سي ايل ۾ شامل ۽ ڪڍي?? ويندڙ ماڻهن جي فهرستن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي مختلف کاتن جا نمائندا ۽ ا??فرادي حيثيت ۾ مختلف ماڻهو پيش ٿيا جن جو موقف معلوم ڪرڻ کانپوءِ ميرٽ تي فيصلا ڪي?? ويا. ذيلي ڪميٽي جي عملدارن پاران مخالفت جي باوجود مختلف نالن کي اي سي ايل مان ڪڍڻ ??ي پڻ سفارش ڪئي آهي.