زيارت – پهرين جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قوم کي خوشخبري ڏيون ٿا ته ملڪ مشڪل وقت مان نڪري رهيو آهي، ماضي جي حڪومتن ب??وچ??تان کي نظرانداز ڪيو، اسان اتحادي حڪومت هجڻ جي باوجود ب??وچ??تان کي نمايان فنڊز ڏنا، 700 ارب رپين جو پئڪيج ڏنو جڏهن ته هاڻي رستن جو پئڪيج ڏئي رهيا ??هيون، زيارت ۾ ايل اين جي پلانٽ جي لاءِ ايندر مالي سال ۾ ڀرپور ڪوشش ڪنداسين، زيارت سياحت جو مرڪز بڻجي سگهي ٿو، خيبرپختونخواهه ۾ اسان جي حڪومت سياحت کي فروغ ڏنو جنهن سان روزگار ۽ ڪاروبار وڌيو. هو قائداعظم ريزيڊنسي زيارت ۾ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.