اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري پاڪستان ۾ قائم فل??طي??ي سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ پاڪستان ۾ فل??طي?? جي سفير احمد جواد اي رابي سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ فل??طي?? جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊپٽي اسپيڪر فل??طي??ي ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته فل??طي?? جي موجوده صورتحال تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ۾ گهري ڳڻتي آهي. هن غزه ۾ اسرائيل طرفان مسلسل فضائي حملن جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته اسرائيلي حملن جي ڪري معصوم فل??طي??ن جون شهادتون واقع ٿيون آهن جنهن تي پاڪستاني عوام انتهائي ڏکويل آهي ۽ ان مش??ل وقت ۾ هو پنهنجي فل??طي??ي ڀائرن سان گڏ بيٺل آهن ۽ مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستان مسجد الاقصيٰ جيڪا مسلمان جو قبله اول آهي، جي تقدس جي پائمال ڪرڻ ۽ معصوم عبادت گزارن تي ڪيل حملن جي سخت مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته اسرائيل ظلمن جي خلاف عالمي سطح تي آواز بلند ڪرڻ جي لاءِ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن ۾ پنهنجي سمورن هم منصوبن کي خط جاري ڪيا آهن، ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پاڪستاني ج?? بانين اسرائيل جي قيام کي غير قانوني ۽ غير آئيني قرار ڏنو ۽ ان کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو، هن چيو ته موجوده حڪومت ??اڪستان ج?? بانين جي موقف جي مڪمل حمايت ڪري ٿي، ۽ ان ن تي عمل پيرا آهي.