اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ريلوي جهڙي قومي اداري کي خساري مان ڪڍڻ جي لاءِ بنا رڪاوٽ سڌاراجاتي عمل ضروري آهي، بهتر ريلوي نظام سان نه رڳو عوام کي اچ وڃ جي بهتر سهولت ملندي پر ٽريفڪ جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ معاشي بهتري ۾ پڻ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پا??ستان ريلويز ۾ جاري سڌاراجاتي عمل، ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبي ۾ اڳڀرائي ۽ پرائم منسٽري ريلوي گرين انيشيئيٽو جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ريلوي واري وفاقي وزير م??مد اعظم خان سواتي، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، اداراجاتي سڌارن واري صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، وفاقي سيڪريٽرين ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ڪراچي شهر جي مسئلن جي حل جي حوالي سان ٻڌايو ??يو ته لاهور ڪراچي ريلوي ٽريڪ جي متوازي مال بردار گاڏين جي لاءِ هڪ مخصوص فريٽ ڪوريڊور ٺاهڻ جو منصوبو غور هيٺ آهي، جنهن ذريعي پپري کي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ سان ڳنڍيو ??يندو، ان ڪوريڊور جي نتيجي ۾ مال برداري ۾ آساني ۽ شهر ۾ ٽريفڪ جي مسئلن ۾ گهٽتائي ٿيندي. ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبي جي حوالي سان ٻڌايو ??يو ته ان حوالي سان پا??ستان ريلوي بي او ٽي بنيادن تي ماڊل تيار ڪيو آهي جنهن ذريعي مسافرن کي بهتر سروس جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهبو. منصوبي جي ٽيڪنيڪل ڊيزائن ۽ فنانشل ماڊل جي تياري جي حوالي سان ڪنسلٽنٽ مقرر ڪيو ??يو آهي. جيڪو 30 ڏينهن ۾ پنهنجون تجويزون پيش ڪندو. ريلوي سڌارن جي حوالي سان ٻڌايو ??يو ته پا??ستان ريلويز جي نقصانن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ اداري کي ٻڏڻ کان بچائڻ جي حوالي سان تفصيلي سڌاراجاتي پروگرام تي ??م جاري آهي.