اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) باباءِ قوم ??ائداعظم محمد علي جناح جو يوم ??يدائش جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ايوان صدر ?? خصوصي تقريب کانسواءِ سرڪاري ۽ نجي سطح تي ٻيون تق??يب??ن منعقد ڪيون ويون، سول ۽ عسڪري قيادت خصوصي پيغام جاري ڪيا ۽ ڏکڻ ايشيا جي عظيم اڳواڻ ۽ سندس ساٿين جي آزاد ملڪ پاڪستان جي لاءِ عظيم جدوجهد ۽ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪندي انهن جي نقش قدم تي هلندي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. باني پاڪستان جي 144 هين يوم ??يدائش جي موقعي تي ڏينهن جو آغاز ملڪ ۽ قوم جي ترقي، سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ خصوصي دعائن سان ٿيو، ڪراچي ۾ مزار قائد تي گارڊز جي تبديلي جي پروقار تقريب ٿي جنهن ۾ پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول جي هڪ دستي گارڊ جا فرض سنڀاليا. پاڪستان ملٽري اڪيڊمي جي ڪمانڊنٽ ميجر جنرل عمر احمد بخاري ان موقعي تي خاص مهمان هو. هن مزار تي گلن جي چادر چارهي، فاتحه خواني ڪئي ۽ ان کانپوءِ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا. ملٽري اڪيڊمي جي دستي مارچ پاسٽ ڪيو ?? باباءِ قوم کي سلامي ڏني. سرڪاري ۽ نجي سطح تي قرآن خواني ۽ جهنڊو ڦڙڪايو ويو، قائداعظم محمد علي جناح 25 ڊسمبر 1876ع تي ڪراچي ۾ پيدا ٿيو، باباءِ قوم جي يوم ??يدائش جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل هئي، سرڪاري ۽ نجي سطح تي تق??يب?? ۽ خصوصي پيغامن ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي فڪر ۽ ان جي تعليم کي اجاگر ڪرڻ لاءِ خصوصي تق??يب?? جو اهتمام ڪيو ويو.